شعيب عليه السلام

شعيب عليه السلام: حضرت شعيب عليه السلام پيغمبر ٿي گذريو آهي، جنهن جو ذڪر قرآن مجيد ۾ آيو آهي. حضرت هود، صالح ۽ لوط کانپوءِ مبعوث (موڪليو ويو) ٿيو. هو اصحاب الايڪه وارن ڏانهن موڪليو ويو هو. پوءِ جا مفسر هن کي حضرت موسيٰ جو سهرو تسليم ڪن ٿا، جڏهن ته قرآن مجيد ۾ حضرت موسيٰ جي سهري جو نالو ٻڌايل نه آهي.
توحيد کان سواءِ حضرت شعيب پنهنجي قوم کي ماپ تور ۾ ايمانداري ڪرڻ، حقوق العباد ادا ڪرڻ ۽ امن و امان سان رهڻ جي تاڪيد ۽ نصيحت ڪئي، پر قوم جي اميرن هن جي دعوت کي قبول نه ڪيو ۽ حضرت شعيب ۽ ان پيروڪارن کي شهر بدر ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رهيا. قوم جي دل ۾ به حضرت جن لاءِ ڪا عزت نه هئي ۽ اگر قوم کي هن جي خاندان جو لحاظ نه هجي ها ته اهي هن کي سنگسار ڪري ڇڏين ها. انهن ئي گناهن جي ڪارڻ هن قوم تي عذاب آيو، عذاب زلزلي جي صورت ۾ هو جنهن کانپوءِ قوم جا سڀئي افراد پنهنجي گهرن ۾ اونڌي منهن مئل مليا.


لفظ شعيب عليه السلامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو